VOSBBO World ORGANIZATION

VOSBBO FOR YOUTH, AND YOUTH CAN MAKE CHANGE IN World

News ||

PPP Who Will Be Select

Posted by vosbboorg on October 16, 2011 at 7:00 AM

پ پ کي سنڌ سان هي مذاق مهانگي پوندي

امر سنڌو

سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا جذبات هروڀرو ائين ڪنهن ڪِني مڇيءَ مثل به نه هئا ته کاري ۾ کڻي بنا واڪ جي کپائي ڇڏجن ۽ کين ڪا لهس به نه اچي...ڇا ڪڏهن ائين تصور ۾ به ممڪن هو ته هو انڌاري رات جو صدارتي محل پاران جاري ٿيندڙ هڪ فرمان TV جي نشرياتي رابطي تي سنئون سڌو جاري ڪندا...ٺيڪ اُن مهل جڏهن اُهو فرمان جاري هوندو  ته سنڌ ۾ غصو هڪ لهر جيان پکڙجي ويندو... اُها پارٽي جنهن جون پاڙون سنئون سڌو عوام جي دلين سان ڳنڍيل؟ لمحي ڀر ۾ سڄي سنڌ ۾ اُن پارٽيءَ تي ملامت جي وسڪار شروع ٿيندي ۽ ان پارٽي سان، جيڪا اسلام آباد توڙي سنڌ ۾ پنهنجي گدي رکندي هوندي، ان سان، اُن جي سموري صوبائي توڙي قومي سطح جي top ليڊرشپ سان ائين نفرت جو اظهار ٿيندو جو اُها ٻولي نه اخبارن ۾ ڇاپڻ جي سگهه، نه پاڻ ۾ لکڻ جي سگهه...ٺيڪ اُن مهل سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ سموري ليڊرشپ، وزير توڙي ميمبر پنهنجا سيل فون ائين بندا ڪندا جو کين ايندڙ مسيجن جو جواب ڏيڻ ته پري پوري مسيج پڙهڻ جي جرئت به نه هوندي.

هو ڀُليل هئا،هو ڀُليل آهن، اقتدار جي مَڳي ته کين ضياءَ ۽ مشرف جي هم منصب ٿيڻ تي شرمنده ٿيڻ نه ڏئي پر هو سنڌ جي ڪَٿ ڪرڻ ۾ يقينن ڀُليل آهن، هوءَ جيڪي ڪراچي ۾ ٺڪائن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا ۽ڪراچي جي ديوارن تي لکيل تحرير پڙهي سگهن ٿا، کين ياد ڏيارجي ته بيشڪ نه ڪو بم، نه ڪو بارود، نه باهه، نه تشدد پر سنڌ جي نفرت، سنڌ جو غصو جي سياسي اظهار جي صورت ۾ جانچڻ چاهيو ٿا ته ضياءُ جي ڏينهن جي سنڌي مزاحمت ۽ بي بي شهيد جي شهادت جي منظر کي هڪ دفعو ضرور يادگيريءَ جي خاطر دهرائي ڏسو.

سنڌ سان کيڏڻ ايڏو آسان نه آهي، سنڌ سان جبر ايڏو سستو ناهي، سنڌين جي ووٽن جي توهين ائين ممڪن ناهي، بيشڪ ته سندن محبتون غير مشروط، بيشڪ ته سندن ووٽ به غير مشروط... پر اِها ڀُل آهي ته سندن تذليل ڪجي، سندن ووٽ کي ٽڪي هڪڙي جو مان ڏيئي سندن توهين ڪجي.

هِتي تاريخ جي حوالن جو ذڪر اجايو ٿيندو ۽ پيپلزپارٽيءَ جي قيادت کي به اهو ياد ڏيارڻ  اجايو ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مزاحمت جي اُن سموري تاريخ ۾ خود اِها پيپلزپارٽي صف اول جو ڪردار نڀائيندي رهي آهي. سنڌ جي سموري سياسي مزاحمت ۾ جڏهن هاڻ اُن جو نشانو خود پيپلزپارٽي ۽ سندس قيادت بڻي آهي تڏهن شايد اهو عجب گمان به اٿي ته آخر نيٺ اُها پارٽي جنهن جون پاڙون ضياءَ جي قهري مارشل لا ۾ به عوام جي دلين مان اکڙي نه سگهيون، نواز شريف جي انتقامي سياسي رستي توڙي مشرف جي راهه، عوام کي اُن غير مشروط محبتن واري خمار مان ڪڍي نه سگهي ڇا ايڏو وڏو اڻ ٽٽ رشتو،  اُن ئي پارٽي جي قيادت جي صدارتي محل جي انڌاري رات واري فيصلي سان ٽٽڻ ممڪن آهي؟

جنهن ڪالهوڪي سنڌ ڏٺي هوندي، جنهن جي عوام جي نبض تي آڱر هوندي اُهي سڀ چڱي ريت سمجهن ٿا ته هاڻوڪي هوائن جي سامهون بيهڻ جي سگهه سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سياسي قيادت ته پري پر خود اُن صدر صاحب وٽ به شايد هُجي جنهن پارٽيءَ جي سنڌ سان لاڳاپيل قيادت کي پنهنجي گهرن تائين محدود ئي نه ڪري ڇڏيو پر سچ پڇو ته سنڌ جي اهڙي انتظامي ورهاڱي واري اعلان تي سنڌ جي خود ساخته ردعمل پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل سڄي قيادت کي سندي گهرن ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو آهي.

اهو ڌڪ جيڪو ضياءَ نه هڻي سگهيو، اهو نشانو جيڪو مشرف چُٽي نه سگهيو، سچ پچ ته پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت جي حيدرآباد – ڪراچي جي ورهاڱي ۽ هڪڙي بندوق باز سياسي تنظيم کي دان ڪرڻ واري فيصلي سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي مورال کي ائين تار تار ڪيو آهي جو هاڻ شايد اُن کي ٻيهر رفو ڪرڻ نه صدارتي محل جي مڪين جي هٿ وس ۽ نه ئي ڪلهه کان سنڌ ۾ حقيقي طور نظربند ٿيل پيپلزپارٽي جي صوبائي قيادت جي وس ۾ آهي.

درحقيقت، سنڌ کي غير مشروط طور پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل هئڻ جو ادراڪ غلط آهي. سنڌ وٽ ڪا ٻي متبادل، جوڳي قيادت نه هئڻ ڪري پيپلزپارٽي بيشڪ ته اڄ تائين سنڌ جي واحد مقبول چونڊيل جماعت آهي. سنڌ جي اِن چونڊ تي رڳو اسٽبلشمينٽ ئي سدا ناراض نه رهي آهي پر سنڌ جون اڪثر قومپرست پارٽيون به خارون کائينديون رهيون. قومپرست اڳواڻ حفيظ قريشي سينئر جي گارگند ۽ هاڻوڪي قيادتن پاران سنڌين کي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اڪثر جاهل، ڄٽ به ڪوٺبو رهيو آهي پر حقيقت آهي ته سنڌي قوم، پاڪستاني رياست ۾ ٻين سڀني قومن جي بنهه برعڪس پنهنجي سياست، پنهنجي شعور جو اظهار ووٽ وسيلي ڪرڻ جي عادي رهي آهي.

پاڪستاني سياست ۾ ٻين سڀني قومن جي برعڪس سنڌ ۾ اڄ توڻي سياست هٿيار سان سلهاڙجي نه سگهي آهي. سنڌي ماڻهو به بلوچستان جي برعڪس هٿياربند جدوجهد ۾ يقين نٿا رکن نه ئي شهري جماعتن جيان وٽن منظم طريقي سان ڪي فاشسٽ هٿياربند ٽولا آهن، نه ئي پنجاب جيان سندن سياسي وارثي ڪندڙ ڪي پٽي ڀائي سالارن جا فوجي ٽولا آهن. سرحد جا پٺاڻ به هٿيار کي پنهنجو زيور سمجهن ٿا. انهن سڀني جي برعڪس اها حقيقت آهي ته سنڌ جڏهن به قبوليت واري ڪيفيت ۾ آئي آهي ته اُن پنهنجو اظهار ووٽ يعني بيلٽ وسيلي ڪيو آهي پر مزاحمت ۾ به هن قوم ڪڏهن هٿيارن جي زور تي شهرن جي رستن کي خون سان رڱڻ واري روايت جي ابتدا نه ڪئي آهي. هنن ڪڏهن بارود جي باهه سان اقتدار جي ايوانن کي نيچو ڪري پنهنجي سياست مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن هنن عام شهري جي جسم جو نشانو چُٽي بليڪ ميلنگ جي سياسي راند مچائي آهي.

بيشڪ ته سياسي طور تي بنهه باشعور، بنهه هوشيار هن قوم پنهنجي وطن سان، عام ماڻهن سان لاڳاپيل سياست ۾ هميشه وقت جي حاڪم کي چئلينج ڪيو آهي پر جيڪا ڳالهه هن جي سياسي اظهار ۾ نڙي کان هيٺ لهي نه سگهي آهي، اُهو آهي سندس ووٽ، سندس مينڊيٽ جي تذليل وارو عمل.... ووٽ جي، پنهنجي راءِ جي، پنهنجي سياسي اظهار جي تذليل تي سچ به رڳو ڪالهه نه سنڌ هر وقت تڙپي اُٿي آهي، ها پر ڪالهوڪي تڙپڻ ۾ ۽ اڄوڪي تڙپڻ ۾ فرق رڳي ايترو آهي ته ڪالهه تائين سنڌ جي ووٽ جي توهين ڪندڙ، هن جي مينڊيٽ جي تذليل ڪندڙ، اسٽيبلشمينٽ ۽ آمر هئا پر هن ڀيري اِها ووٽ جي تذليل ائين ٿي جو سنڌ اسيمبلي کان بنا پڇئي، بنا رجوع ڪيئي، پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت صدر جي حيثيت ۾ پنهنجي وفاق جي نمائندي گورنر جي هٿن ۾ سنڌ جي ورهاڱي جو اختيار ڏيئي ڇڏيو. اهو سنڌي صدر جو سنڌ کي تحفو هو جيڪو سنڌي عوام ذلت ۽ تذليل جي احساس هيٺ ٻڌڻ تي مجبور ٿيو ته هاڻ انتظامي طور سنڌ جي اڌحصي جي انتظامي وارث اها جماعت هوندي جيڪا بندوق جي ناليءَ تي فيصلا ڪرڻ جي عادي آهي ۽ باقي سنڌ اُنهن گيدي وڏيرن وٽ هوندي، جيڪي اڳ ئي جوتي جي نوڪ تي رکي حڪمراني ڪرڻ جا عادي آهن.

سنڌ ان رات اعلان ٻڌڻ کانپوءِ جهڙي طرح فيس بُڪ، انٽرنيٽ ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن وسيلي پنهنجي غم و غصي جو اظهار ڪيو آهي، اُن ۾ ڪا پارٽي، ڪنهن خاص طبقي، ڪنهن خاص گروهه، ڪنهن خاص سياسي مفاد رکندڙ ڌرين پاران نه پر سڄي سنڌ مان هڪ گڏيل ردعمل سامهون آيو.

پيپلزپارٽي لاءِ عوامي ڌڪار، نفرت ۽ ڪروڌ جي اها پهرين لهر آهي جنهن جي هڪ پاسي پارٽيءَ جي اها  نظربند قيادت آهي، جن جي گهرن تي ڪارا توا گهمايا پيا وڃن، گهيراءُ ڪيو پيو وڃي ۽ ٻي پاسي اُها گڏ ٿيل، هڪ ٿيل سنڌ آهي، جيڪا اُن اسيمبلي جو گهيراءُ به ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن ۾ گورنر پاران نافذ ڪيل اهي آرڊيننس پاس ٿيڻا آهن.

ڪا قومپرست قيادت نه، ڪا موقعي پرست قيادت نه.... هن دفعي سنڌ جو هي احتجاج ائين خود ساخته آهي، جيئن مصر، تيونس ۾ عوام اُٿيو آهي.

۽ ٻيو ته ٺهيو پر حقيقت ۾ پيپلزپارٽي جا  هيٺين سطح جا ڪارڪن پڻ نه رڳو احتجاج ۾سرگرم آهن پر سندن پاران جيڪيSMS اچن ٿا پيا دل کي جهوريندڙ آهن ته:

”شهيدن جي رت سان اسان جي جان به قربان پر

سنڌ تي اسان جي قيادت جي قرباني مهانگو سودو ناهي.“

هي مصر ۽ تيونس جي عوام جيان اُٿيل خود ساخته احتجاج آهي، جنهن ۾ ڪالهوڪي ڏينهن تائين ڪنهن به وڏي قومپرست جماعت ڪنهن به وڏي سياسي جماعت جي قيادت اي سي ڊرائينگ رومن کان ٽي وي چئنلن جي فريم ۽ اخباري بيانن کان ٻاهر اچي نه سگهي آهي. اها قيادت جيستائين ”لين دين“ واري مامري تي اصلوڪن مالڪن سان ٺهي، ٽوڪن احتجاج تي پنهنجو ڀرم نڀائي، تيستائين سنڌ جو عوام پاڻ مرادو رستن تي نڪتل آهي سو يقينن اُن ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي گهيراءُ لاءِ به موجود هوندو جنهن ڏينهن سنڌ جا چونڊيل سورما/ سورميون اهو بل پاس ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي جي فلور تي گڏ ٿيندا. يقينن هو سنڌ جي مفادن جي سوديبازي واري آرڊيننس کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ گڏبا پر يقين رکو ته اسيمبلي کان ٻاهر سنڌ سندن پارٽي جي مستقبل جي باري ۾ فيصلو ڏيڻ جي مجاز هوندي.

اهو وقت ٻڌائيندو ۽ سنڌ جو احتجاج ٻڌائيندو ته سنڌ جي مستقبل جو فيصلو هاڻ سنڌ اسيمبلي ڪندي يا اسيمبلي کان ٻاهر سنڌ جا ماڻهو اهو فيصلو ڪرڻ ۾ هاڻ وڌيڪ بااختيار هوندا.

ياد رکجي ته پيپلزپارٽي نه پر پيپلز پاور يعني عوام جي طاقت سپر پاور آهي ۽ جيڪا پارٽي اها طاقت وڃائي ويهي ۽ صدارتي محل کي طاقت جو سرچشمو سمجهڻ شروع ڪري، سنڌ اُن لاءِ غائبانه جنازي نماز جي ابتدا ڪري چُڪي آهي.

    

Categories: Pakistani Politics

Post a Comment

Oops!

Oops, you forgot something.

Oops!

The words you entered did not match the given text. Please try again.

Already a member? Sign In

0 Comments